January 18, 2022

ڀارتي عوام کي ڏياريءَ جو تحفو، حڪومت ٽيڪس ۾ ڪٽوتي جو اعلان ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت ڏياريءَ جي موقعي تي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل تي ٽيڪس ۾ ڪٽوتي جو اعلان ڪيو آهي.

ڀارتي حڪومت طرفان اربع جي رات پيٽرول تي 5 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل تي 10 رپيا في ليٽر ايڪسائز ڊيوٽي گهٽ ڪئي وئي آهي، ان قدم سان وفاقي حڪومت جي آمدني ساڍا 5 سئو بلين رپيا گهٽ ٿيندي.

ان اعلان کانپوءِ 10 رياستن جي حڪومتن ٽيڪس 7 رپيا في ليٽر وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

Follow by Email
YouTube
YouTube