January 20, 2022

ڀارت گروپ ٽو ۾ پنهنجو رن ريٽ سڀني کان بهتر ڪري ڇڏيو

1 min read

دبئي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم اسڪاٽ لينڊ کي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي گروپ ٽو ۾ پنهنجو رن ريٽ سڀني کان بهتر ڪري ڇڏيو.

ڀارت کي گروپ ٽو ۾ پاڪستان، افغانستان ۽ نيوزيلينڊ کان پنهنجو رن ريٽ بهتر ڪرڻ لاءِ 86 رنسن جو هدف 7.1 اوورن ۾ مڪمل ڪرڻو هو، جيڪو ان سولائيءَ سان ستين اوور ۾ ئي مڪمل ڪري ورتو.

دبئي ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ ڀارت اڳ ۾ فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم 18هين اوور ۾ 85 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

ڀارت طرفان محمد شامي ۽ رويندرا جديجا 3-3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته بمرا 2 شڪار ڪيا.

جواب ۾ ڀارتي ٽيم گهربل هدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي ستين اوور ۾ پورو ڪري سيمي فائنل ۾ پهچڻ جون اميدون برقرار رکيون آهن.

ڀارت طرفان راهول 50 ۽ روهت شرما 30 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا.

واضح رهي ته ميگا ايونٽ ۾ ڀارتي ٽيم پنهنجي آخري ميچ ڪمزور ٽيم نميبيا خلاف کيڏندي، جنهن ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ ڀارت جون پوائنٽون 6 ٿي وينديون پر سڀاڻي نيوزيلينڊ جو مقابلو افغانستان سان آهي ۽ جيڪڏهن ڪيوي ٽيم سڀاڻي ڪاميابي ماڻي ٿي ته پوءِ ڀارتي ٽيم ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube