January 20, 2022

آمريڪا ۾ ميوزڪ فيسٽيول دوران ڀاڄ، 8 فوت، سوين زخمي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ڏکڻ رياست ٽيڪساس ۾ ايسٽرو ورلڊ ميوزڪ فيسٽيول ۾ ڀاڄ پوڻ جي هڪ واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ڄڻا فوت ٿي ويا.

مقامي اختيارين موجب اهو واقعو جمعي جي رات مقامي وقت موجب 9 وڳي ان وقت پيش آيو، جڏهن ڪنسرٽ ۾ شريڪ ماڻهن جو وڏو انگ اسٽيج وٽ پهچڻ جي ڪوششن ۾ هو.

فيسٽيول وقت اتي تقريبن 50 هزار ماڻهو موجود هئا، جڏهن ته واقعي کانپوءِ فيسٽيول کي ختم ڪيو ويو.

حادثي ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

اختيارين موجب ويڊيو فوٽيج جي مدد سان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڀاڄ ڪيئن پئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube