August 9, 2022

”سنڌ جو عوام تبديلي لاءِ عمران خان ڏانهن واجهائي رهيو آهي“

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سنڌ جو عوام آصف زرداري جي پارٽي مان ٿڪجي چڪو آهي.

ملتان ۾ تقريب سان خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ جو عوام تبديلي چاهي ٿو ۽ عمران خان ڏانهن واجهائي رهيو آهي.

هن چيو ته بيڊ گورننس، ڪرپشن ۽ انتقامي سياست جو ڪارو بابت ختم ٿي چڪو، اپوزيشن وٽ گوڙ ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا ايجنڊا ناهي.

سندس چوڻ هو ته عوام اپوزيشن جي احتجاج کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اپوزيشن ٻڌائي ته ان گذريل 30 ورهين ۾ عوام کي ڪهڙو رليف ڏنو.

پرڏيهي وزير چيو اپوزيشن جي خواهش آهي ته مهانگائي کي ايشو بڻائي عوام کي روڊن تي آندو وڃي، اڳوڻين حڪومتن جي بدترين معاشي پاليسين جا نتيجا قوم اڄ ڀوڳي رهي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube