سيرا ليون ۾ فيول ٽئنڪر ڦاٽي پيو، 99 ڄڻا اجل جو شڪار

فري ٽائون (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ سيرا ليون ۾ هڪ فيول ٽئنڪر ڦاٽڻ جي واقعي ۾ 99 ڄڻا فوت ٿي ويا.
اهو واقعو سيرا ليون جي تخت گاهه فري ٽائون جي ڀر واري علائقي ويلنگٽن ۾ رات جي وقت پيش آيو، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ زخمي پڻ ٿيا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ گهڻا ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي باهه لڳڻ کانپوءِ ٻارڻ گڏ ڪرڻ لاءِ اتي موجود هئا، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.