January 18, 2022

ناظم جوکيو پ پ جو ڪارڪن هو: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ملير ۾ قتل ٿيندڙ ناظم جوکيو پ پ جو ڪارڪن هو.

سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته اها پارٽي پاليسي نه پر ڪنهن به شخص جو ذاتي فعل آهي ۽ ناظم جوکئي جا وارث سنڌ حڪومت جي قدمن مان مطمئن آهن.

هن وڌيڪ چيو ته کنڊ مهانگي ٿيڻ جي ذميوار سنڌ حڪومت ناهي پر عمران خان جي ڀر ۾ بيٺل اهي ماڻهو آهن، جن جي ڪري وفاقي حڪومت بيٺي آهي.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن شگر ڪميشن انڪوائري رپورٽ پ پ خلاف هجي ها ته هن وقت سڀ جيلن ۾ هجن ها، حڪومت جي نااهلي جي سزا عوام ڀوڳي رهيو آهي.

سعيد غني چيو ته ماضي ۾ ايم ڪيو ايم پ پ جي حڪومت ڇڏي ڏني هئي ۽ اهي موجوده حڪومت ۾ ڊرامي بازي ڪندا رهندا پر ان ئي پگهار تي ڪم به ڪندا.

Follow by Email
YouTube
YouTube