August 9, 2022

نالائق وزيراعظم جو واحد علاج بي اعتمادي رٿ آهي: شازيا مري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته جادو ٽوڻي سان ملڪ ناهن هلندا، نالائق وزيراعظم جو واحد علاج بي اعتمادي رٿ آهي.

پنهنجي بيان ۾ شازيا مري چيو ته اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي پاليسين کي برقرار رکيو وڃي ها ته ملڪ جو هي حشر نه ٿئي ها، آصف زرداري جي قيادت ۾ حڪومت ۾ سڀ فيصلا پارليامينٽ ڪندي هئي.

هن چيو ته پاڪ ايران گئس پائپ لائن جو منصوبو ختم ڪري ملڪ سان دشمني ڪئي وئي، ان وقت ملڪ ۽ قوم جي قسمت جو فيصلو اڻ چونڊيل ماڻهو ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪرڻ ۾ نيب جو بنيادي ڪردار آهي، نالائق وزيراعظم جو واحد علاج بي اعتمادي رٿ آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube