January 20, 2022

پروٽيز لاءِ مسئلو، آسٽريليا آخري ميچ کٽي سيمي فائنل لاءِ پوزيشن مستحڪم ڪري ڇڏي

1 min read

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ ون ۾ پنهنجي آخري ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم ويسٽ انڊيز کي سولائي سان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪري ورتي.

ابوظهبي ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي ويسٽ انڊيز جي ٽيم 7 وڪيٽن جي نقصان تي 157 رنسون ٺاهيون.

ڪپتان پولارڊ 44 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ايون ليوس 29، هٽميئر 27 رنسن سان اڳڀرا رهيا، آسٽريليا طرفان جوش هيزل ووڊ بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 شڪار ڪيا.

جواب ۾ ڪينگروز گهربل هدف 16.2 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ميگا ايونٽ ۾ چوٿين ڪاميابي ماڻي ورتي.

فاتح ٽيم طرفان ڊيوڊ وارنر 89 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي، جڏهن ته مچل مارچ 53 رنسون ٺاهيون.

واضح رهي ته ميچ ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ آسٽريليا جون 8 پوائنٽون ٿي ويون آهن ۽ ان جو رن ريٽ به بهتر آهي، تنهن ڪري ان جا سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا چانس وڌي ويا آهن.

گروپ ٽو جي ٻي ميچ انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ کيڏي ويندي ۽ ڏکڻ آفريقا کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ نه رڳو اها ميچ کٽڻي پوندي پر رن ريٽ به بهتر بڻائڻو پوندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube