January 18, 2022

پيٽرول وڌڻ کانپوءِ مهانگائيءَ جي نئين سونامي، عوام جو صبر جواب ڏئي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي سونامي اچي وئي ۽ عام واهپي جي شين جي قيمتن کي پَر لڳي ويا آهن.

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تازي واڌ کانپوءِ راولپنڊي، اسلام آباد جي غله منڊي، فروٽ منڊي، سبزي منڊي، چڪن منڊي ۽ مڇي منڊي ۾ مهانگائيءَ جو نئون طوفان اچي ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:حڪومت جو رات جي اونداهيءَ ۾ عوام تي وار، پيٽرول وڌيڪ مهانگو

کير، ڏهي، گيهه، اٽي، چانور، دال ۽ هر قسم جي گوشت جي قيمتن ۾ وڏي واڌ ٿي وئي آهي ۽ اڳ ئي مهانگائي کان تنگ شهرين تازي مهانگائي کي آخري حد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پيٽرول مهانگو ٿيڻ کانپوءِ گڊز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ به واڌ ٿي وئي آهي، جاڙن شهرن ۾ ميٽرو بس کانسواءِ ٽيڪسي، رڪشي، ڪيب، سوزڪي ۽ ويگن جي ڀاڙن ۾ به اسٽاپ ٽو اسٽاپ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب گهٽ آمدني وارا شهري سخت پريشان آهن.

هوڏانهن ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائيءَ سبب عوام جو صبر جواب ڏئي ويو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي تحريڪ انصاف حڪومت خلاف مختلف ٽرينڊ هلي رهيا آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube