January 18, 2022

ڪرس گيل جو ڪيريئر ختم؟

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) اسٽار ڪرڪيٽر ڪرس گيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي بيٽنگ سان ته مداحن کي لطف اندوز نه ڪري سگهيو پر کيس هڪ وڏي رانديگر طور سدائين ياد رکيو ويندو.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا خلاف پنهنجي آخري گروپ ميچ دوران 42 ورهين جو ڪرس گيل جارحاڻي موڊ ۾ نظر آيو ۽ هن ٻه ڇڪا پڻ هنيا پر بدقسمتي سان گهڻي دير وڪيٽ تي نه بيهي سگهيو ۽ 9 بالن تي 15 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.

ڪرس گيل جي بيٽنگ تي اچڻ وقت ٽيم جي سڀني رانديگرن تاڙيون وڄائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ۽ آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ به ڪرس گيل بيٽ لوڏيندي شوقينن کان داد وصول ڪيو ۽ رانديگرن سان به مليو.

ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ بورڊ يا پاڻ ڪرس گيل طرفان باقاعدي طور رٽائرمينٽ جو اعلان ته اڃا ناهي ڪيو ويو پر مشهور ويب سائيٽ ڪرڪ انفو سوشل ميڊيا تي ڪرس گيل جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ”ڇا ڪم تمام ٿي ويو؟“

ڪرس گيل ويسٽ انڊيز طرفان 79 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ٻن سينچرين ۽ 14 ففٽين جي مدد سان 1899 رنسون ٺاهيون.

واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ويسٽ انڊيز جي هڪ ٻئي اسٽار آل رائونڊر ڊوائن براوو به ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube