January 18, 2022

ايران ساليانيون جنگي مشقون شروع ڪري ڇڏيون

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج نار عُمان جي سامونڊي علائقي ۾ پنهنجي سالياني جنگي مشقن جي شروعات ڪري ڇڏي.

ايراني جنگي مشقن کي ذوالفقار 1400 جو نالو ڏنو ويو آهي، انهن ۾ مشقن ۾ ايران جي زميني، هوائي ۽ سامونڊي فوجن جا دستا شريڪ آهن.

ايراني ٽيلي ويزن موجب خاص تربيت يافته ۽ هٿيارن سان ليس ڪمانڊوز جنگي مشقن ۾ شامل آهن.

مشقن جو علائقو اسٽريٽيجڪ نوعيت جي آبنائي هرمز کان رڳو هڪ ڪلو ميٽري جي وٿيءَ تي آهي، ان آبنائي هرمز جي رستي دنيا جي 20 سيڪڙو تيل جو واپار ٿيندو آهي.

تهران طرفان انهن مشقن جي شروعات اهڙي وقت ۾ ڪئي وئي آهي، جڏهن ايران ۽ اولهه طاقتن وچ ۾ جوهري ڳالهه ٻولهه ٻيهر شروع ٿيڻ ۾ هڪ مهيني کان به گهٽ وقت رهجي ويو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube