August 9, 2022

بابر اعظم جا هڪ تير سان 3 شڪار

شارجا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو باصلاحيت بيٽسمين بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڪنهن به ايڊيشن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ڪپتان بڻجي ويو.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي موجوده ايڊيشن ۾ بابر اعظم 264 رنسون ٺاهي چڪو آهي، هن اڄ اسڪاٽ لينڊ خلاف 66 رنسن جي اننگز کيڏي سريلنڪا جي اڳوڻي ڪپتان مهيلا جئي وردني جو رڪارڊ ٽوڙيو.

مهيلا جئي وردني 2021 جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪپتان طور 201 رنسون ٺاهيون هيون.

نه رڳو اهو پر بابر اعظم ڪنهن به ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ايڊيشن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پاڪستان پڻ بڻجي ويو آهي.

ان کان اڳ 2010 ۾ سلمان بٽ سڀ کان وڌيڪ 223 رنسون ٺاهيون هيون.

واضح رهي ته بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي هاڻوڪي ايڊيشن ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين به آهي، جڏهن ته ان فهرست ۾ انگلينڊ جو جوز بٽلر ٻئي نمبر تي آهي، جنهن 240 رنسون ٺاهيون آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube