August 13, 2022

بي جي پي مسلم مخالف رويي سان ڀارت جي حيثيت تباهه ڪري ڇڏي: آمريڪي اخبار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اخبار چيو آهي ته مسلمانن خلاف حڪمران ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي رويي ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت جي حيثيت تباهه ڪري ڇڏي آهي.

آمريڪي اخبار موجب مسلمانن خلاف بي جي پي جي رويي سبب چين لاءِ پنهنجي حيثيت مڃرائڻ جا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مودي سرڪار ڀارت کي هندو رياست ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مسلم ڪميونٽي کي ڀت سان لڳائڻ سان ڀارت جو روايتي ڪردار ڪمزور ٿي ويو آهي.

آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب بي جي پي جي رويي سبب چين ڀارت جي مخالف ملڪن سان ويجها لاڳاپا ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ان حوالي سان ڀارت جي اڳوڻي پرڏيهي وزير يشونت سنها جو چوڻ آهي ته اسان ڪنهن کي ڇا روڪيون، اسان پاڻ ئي ڏوهي بڻجي ويا آهيون.

Follow by Email
YouTube
YouTube