January 18, 2022

سنڌ ۾ هٿرادو اٽي ۽ کنڊ جو بحران پيدا ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي: اسد عمر

ڪوٽڙي  (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪڻڪ پيدا ڪرڻ ۾ صوبا خود مختيار آھي پر سنڌ ۾ ڪڻڪ هوندي اٽو مهانگو ڇو آھي؟ سنڌ ۾ 80 رپيا اٽو ڪلو ڇو پيو هلي، وڏو وزير ان جو جواب ڏئي، ھاڻ بيان اچن پيا ته اربن رپين جي سنڌ جي گودامن ۾ پيل ڪڻڪ کي ڪوئا کائي ويا آهن.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوٽڙي ۾ سچل گرائونڊ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي جلسي سان خطاب ڪندي ڪيو.

اسد عمر چيو ته 18 ترميم جي ڳالھه ڪندڙ سنڌ حڪومت تي صحت جي ذميواري آهي، ڪورونا وائرس ۾ حڪومت رپيو خرچ نه ڪيو، ويڪسين جي ذميواري صوبن جي هئي پر وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ويڪسين ڏني.

سندس چوڻ هو ته عمران خان لاءِ پاڪستان جا شهري سڀ برابر آھن، سنڌ جي نوجوان کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪامياب جوان پروگرام ۾ هنر جي تعليم ڏني آهي، ڄامشوري ۾ سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽي لاءِ منصوبا ڏنا آهن، حيدرآباد ۾ وفاقي يونيورسٽي جو بنياد پيا رکون پر سنڌ حڪومت مخالفت پئي ڪري، اسان سکر حيدرآباد موٽر وي لاءِ به رقم رکي آھي.

اسد عمر چيو ته کنڊ جو بحران سنڌ ۾ آهي، سنڌ جون شگر ملون آصف علي زرداري جون آھن، کنڊ مهانگي ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت ملوث آهي، اهي ٽوپي ڊرامو پيا ڪن، کين شرم اچڻ گهرجي، ايندڙ چونڊن ۾ اهي ووٽ وٺڻ ويندا ته کين سنڌ جي عوام طرفان جواب ملندو ته ”مرسون مرسون ووٽ پ پ  کي نه ڏيسون“.

Follow by Email
YouTube
YouTube