August 9, 2022

شاهينن جي اوچي اڏام، ورلڊ ڪپ ۾ مسلسل پنجين ڪاميابي

1 min read

شارجا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي آخري گروپ ميچ ۾ به ڪاميابي ماڻي ورتي.

شارجا ۾ گرين شرٽس اسڪاٽ لينڊ کي 72 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ ۾ مسلسل پنجين ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

پنهنجي آخري گروپ ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 189 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم 66 رنسن جي شانداز اننگز کيڏي، جڏهن ته شعيب ملڪ جارحاڻي بيٽنگ ڪندي رڳو 18 بالن تي 54 رنسون ٺاهيون، اها پاڪستان جي ڪنهن به رانديگر طرفان ٽي ٽوئنٽي ۾ تيز ترين ففٽي آهي.

جواب ۾ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 117 رنسون ٺاهي سگهي، رچي بيرنگٽن 54 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پاڪستان طرفان شاداب خان 2، حارث رئوف، شاهين آفريدي، حسن علي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي، ميچ جو بهترين رانديگر شعيب ملڪ کي قرار ڏنو ويو.

قومي ٽيم گروپ ون ۾ 5 ئي ميچون کٽي ٽاپ پوزيشن تي آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته گرين شرٽس جو سيمي فائنل ۾ مقابلو گروپ ٽو ۾ ٻئي نمبر تي رهندڙ ٽيم آسٽريليا سان ٿيندو ۽ اها ميچ 11 نومبر تي کيڏي ويندي.

ان کان اڳ پهريون سيمي فائنل انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن 10 نومبر تي ٿيندو، جڏهن ته فائنل 14 نومبر تي کيڏيو ويندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube