January 20, 2022

عراقي وزيراعظم جي رهائشگاهه تي ڊرون حملا

بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق جي وزيراعظم مصطفيٰ الڪاظمي جي رهائشگاهه تي ڊرون حملا ڪيا ويا آهن.

آچر 7 نومبر جي صبح بارود سان ڀريل ڊوزن سان عراقي وزيراعظم جي رهائشگاهه کي نشانو بڻايو ويو ۽ حملي ۾ الڪاظمي مڪمل طور محفوظ رهيو.

ڊرون حملن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن ۾ وزيراعظم جي محافظ دستي جي ميمبر به شامل آهن.

بغداد مان ملڪي فوج ان کي وزيراعظم تي قاتلاڻو حملو قرار ڏنو آهي، جڏهن ته عراقي وزيراعظم جي به حملي کي دهشتگردي جو هڪ فعل قرار ڏنو.

هوڏانهن آمريڪي اختيارين به ان حملي جي سخت مذمت ڪندي بغداد حڪومت کي هر قسم جي سهڪار ۽ مدد جي آڇ ڪئي آهي، جڏهن ته سلامتي جي اعليٰ ترين ايراني اهلڪار طرفان به مذمت سامهون آئي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube