August 9, 2022

عمران خان ملڪ لاءِ تحفو ۽ چورن لاءِ آخري ڪوڪو آهي: حليم عادل شيخ

ڪوٽڙي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته محرابپور ۾ صحافي عزيز ميمڻ کي ويڊيو ٺاهڻ تي قتل ڪيو ويو، وري ناظم جوکئي کي شڪار ڪرڻ کان روڪڻ تي ماريو ويو، سنڌ ۾ ويڊيو ٺاهڻ جي سزا موت آهي.

ڪوٽري ۾ تحريڪ انصاف جي جلسي سان خطاب ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته ڄامشورو وڏي وزير جو ضلعو آهي پر ڪوهستان ۾ عورتون ويم دوران فوت ٿي وڃن ٿيون.

هن چيو ته هي وزيراعليٰ نه پر قاتلِ اعليٰ آهي، صوبي ۾ جنگ جو قانون لڳو پيو آھي، مهانگائي جي ڳالهه ڪندڙ پ پ سرڪار کي شرم اچڻ گهرجي، پنجاب ۾ اٽو 55 رپيا ڪلو سنڌ ۾ 85 رپيا ڪلو آھي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان هن ملڪ لاءِ تحفو ۽ چورن لاءِ آخري ڪوڪو آھي، اسان کي عمران خان تي اعتماد آھي، سنڌ حڪومت چورن جي حڪومت آھي، شهيدن جي پارٽي چورن ۽ ڌاڙيلن جي پارٽي بڻجي چڪي آھي، هنن کي ٻڄائي ساهه پٽينداسين، ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube