نيوزيلينڊ ڀارت کي ڪڍي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو
1 min read
ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جي ٽيم گروپ 2 جي اهم ميچ ۾ افغانستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته ڀارت ۽ افغانستان جون ٽيمون ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون آهن.
ابوظهبي ۾ افغانستان طرفان مليل 125 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ 18.1 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ڪيويز طرفان ڪين وليمسن 40 ۽ ڊيوڊ ڪونوي 36 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا، مارٽن گپٽل 28 ۽ ڊيرل مچل 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان کان اڳ ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي افغانستان جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهي سگهي.
New Zealand show their class in a must-win game to seal their semi-final spot 💪 #NZvAFG | #T20WorldCup
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) November 7, 2021
افغانستان طرفان نجيب الله زادران 73 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي پر ٻيو ڪو به رانديگر گهڻي دير وڪيٽ تي نه بيهي سگهيو، گلبدين نائب 15 ۽ محمد نبي 14 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
نيوزيلينڊ طرفان ٽرينٽ بولٽ 3، ٽم سائوٿي 2، جڏهن ته ايڊم ملني، جيمز نيشم ۽ اش سوڌي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته ڪيوي ٽيم کيڏيل 5 گروپ ميچن مان 4 ۾ ڪاميابي ماڻي 8 پوائنٽن سان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي، ان گروپ مان پاڪستان اڳ ئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي چڪو آهي ۽ ڀارت ۽ افغانستان جون ٽيمون ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون آهن.
ڀارت ميگا ايونٽ ۾ هيل تائين کيڏيل 4 ميچن مان رڳو 2 ۾ ڪاميابي ماڻي آهي ۽ ان جي آخري گروپ ميچ سڀاڻي نميبيا سان ٿيندي.