January 20, 2022

ڊسڪا چونڊ معاملو، هاڻ سڀ کان وڏو امتحان ملڪي عدليا جو آهي: ن ليگ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ڊسڪا چونڊ جي جاچ رپورٽ تي عدليا کان پاڻمرادي نوٽيس جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ووٽ چوري ۾ ملوث ڪردارن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن.

اسلام آباد ۾ ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ سڀ کان وڏو امتحان ملڪ جي عدليا جو آهي، عدليا ماضي ۾ ايڪشن ورتا آهن، اهي سڀني جي سامهون آهن.

هن چيو جيڪڏهن رپورٽ کي غير سنجيده ورتو ويو ته مون کي اميد ناهي ملڪ جون حالتون ڪڏهن به ٺيڪ ٿي سگهنديون، پاڪستان جو آئين وفاق ۽ صوبن جي سڀني ادارن کي پابند ڪري ٿو ته اهي شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪن، ڊسڪا ضمني چونڊ جي انڪوائري رپورٽ ۾ ووٽ چوري ڪرڻ لاءِ ڀرپور سازش ڪئي وئي.

سندس موجب چونڊ سڌارن جي آڙ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين آڻڻ جو مقصد واضح آهي ته وزيراعظم عمران خان کي خبر آهي ته کيس عام چونڊن ۾ تاريخي مار پوندي، عمران خان 10 سيڪڙو ووٽ کڻڻ جي لائق به نه هوندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube