August 13, 2022

کنڊ جا ڊبل سينچريءَ ڏانهن پير

پشاور (ويب ڊيسڪ) حڪومت ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه مستحڪم رکڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي ۽ في ڪلو کنڊ جو اگهه هاڻ 200 رپين ڏانهن وڌي رهيو آهي.

ملڪ ۾ کنڊ مهانگائي ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ پشاور ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت 175 رپين تائين پهچي وئي آهي.

غله مارڪيٽ اشرف روڊ ۾ کنڊ جي ٻوري 7 هزار 200 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي آهي ۽ واپارين جو چوڻ آهي ته کنڊ 200 رپيا في ڪلو تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

واپارين موجب اشرف روڊ، رامپورا، پيپل منڊي، سبزي منڊي، جي ٽي روڊ، حيات آباد سميت شهرن جي مختلف هنڌن تي ڊيلرن وٽ کنڊ جو اسٽاڪ ختم آهي، کنڊ جي قيمت ۾ مسلسل واڌ سبب خريد ۽ وڪرو به وڌي ويو آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube