January 18, 2022

اداڪارا زويا ناصر، مريم نواز جي پٽ تي فدا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا زويا ناصر به مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر تي دل ڏئي ويٺي.

زويا ناصر تازو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ سوالن جوابن جو سيشن رکيو، جنهن ۾ اداڪارا کان مداحن مختلف سوال ڪيا.

اداڪارا کان هڪ مداح ان جي ”ڪرش“ بابت پڇيو ته هن جواب ۾ مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي نڪاح جي هڪ تصوير شيئر ڪئي.

واضح رهي ته جنيد صفدر پنهنجي نڪاح جي تقريب ۾ گانو ڳائي اتي موجود ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو هو.

جنيد صفدر جي اها ويڊيو وائرل ٿي وئي هئي، جنهن تي اداڪارا صبور علي، اريبا حبيب، عفت عمر، انوشي اشرف، زويا ناصر، عبير رضوي ۽ ٻين ڪمينٽ ڪري پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube