August 13, 2022

افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو: عسڪري اختيارين جي بريفنگ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ عسڪري اختيارين پارلياماني قيادت کي قومي سلامتي معاملن تي بريفنگ ڏني.

قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب اعليٰ عسڪري اختيارين پارلياماني قيادت کي قومي سلامتي جي معاملن تي بريفنگ ڏني ۽ سياسي ۽ پارلياماني قيادت بريفنگ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

اجلاس ۾ عسڪري اختيارين چيو ته افغانستان جو پائيدار امن، خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي.

اجلاس ۾ افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار تي به بريفنگ ڏني وئي ۽ چيو ويو ڀرپور ڪوشش آهي ته موجوده حالتون ڪنهن ٻئي انساني ۽ معاشي بحران کي جنم نه ڏين.

اعليٰ عسڪري اختيارين بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان افغان معاملي تي عالمي برادري سان رابطي ۾ آهي، پاڪستان افغان ڀائرن جي حمايت جاري رکندو ۽ افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube