August 13, 2022

خرم شير زمان سنڌ حڪومت خلاف عدالت پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ايم پي اي خرم شير زمان سنڌ، خاص طور ڪراچي ۾ ڏوهن جي وڌندڙ وارداتن تي صوبائي حڪومت خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

درخواست ۾ خرم شير زمان موقف اختيار ڪيو آهي ته سي پي ايل جنوري 2021 کان سيپٽمبر تائين واردتن جي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڏوهن جي وارداتن ۾ واڌ ٿي.

درخواستگذار موجب سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر آهي، حڪمران جماعت جي ايم پي اي تشدد ڪري هڪ شهري کي قتل ڪري ڇڏيو.

خرم شير زمان پنهنجي درخواست ۾ عدالت کي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي کي ڏوهن جون وارداتون ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ پوليس کان رپورٽ طلب ڪئي وڃي.

Follow by Email
YouTube
YouTube