August 13, 2022

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر تبديل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناظم جوکئي جي قتل ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي تبديل ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب مقتول ناظم جوکئي جي وارثن مطالبو ڪيو هو ته جاچ غير جانبدار آفيسر حوالي ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ جاچ آفيسر کي تبديل ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گرفتار سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام اويس سميت 3 جوابدارن کي جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت جوابدارن جو وڌيڪ 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن جاچ ٽيم مقتول ناظم جوکئي جي گهر جو دورو ڪيو هو ۽ پاڙي وارن جا بيان به رڪارڊ ڪيا هئا.

Follow by Email
YouTube
YouTube