August 9, 2022

برطانوي هاءِ ڪمشنر جو پاڪستاني ٽيم کي داد

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر به پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پرفارمنس جو مداح ٿي ويو.

آسٽريليا سان سيمي فائنل ۾ ناڪامي کانپوءِ برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ٽوئيٽ ڪيو آهي جنهن ۾ هن لکيو ته ميچ ڀلي پاڪستان هارائي ويو پر دل کٽي ويو، پاڪستان ٽيم سُٺي راند کيڏي.

هن چيو ته هاڻي هو پاڪستان ۽ انگلينڊ مقابلي جي انتظار ۾ آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube