August 9, 2022

سوزوڪي جي جديد ۽ سستي ترين گاڏي متعارف

سوزوڪي ڪمپني پنهنجي گاڏي سيليريو جو اپ ڊيٽ ورزن 2021 متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ اها گاڏي قيمت جي حوالي سان سستي قرار ڏئي سگهجي ٿي.

جيڪڏهن توهان کي خبر نه هجي ته پاڪستان ۾ سيليريو کي ڪلٽس جي نالي سان تيار ڪيو ويندو آهي.

سوزوڪي ان نئين گاڏي کي ڀارت ۾ وڪري جي لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

نئين سيڪنڊ جنريشن سيليريو چئن مختلف قسمن ايل ايڪس آءِ، وي ايڪس آءِ، زي ايڪس آءِ ۽ زي ايڪس آءِ پلس ۾ پيش ڪئي وئي آهي.

ايل ايڪس آءِ کانسواءِ ٻين سڀني ورزنز ۾ آٽوميٽڪ مينيوئل ٽرانسميشن (اي ايم ٽي) آپشن موجود هوندو.

ڪمپني موجب گاڏي ۾ ڪيتريون ئي اپ ڊيٽس ڪيون ويون آهن ۽ اها تيل جي بچت جي حوالي سان سڀ کان بهترين گاڏي آهي.

گاڏي جي ٻاهرين ڊيزائن، فيچرز ۽ ڪيبن ڊيزائن سڀ ڪجهه بهتر بڻايو ويو آهي جڏهن ته هڪ نئون پيٽرول انجڻ به ڏنو ويو آهي.

گاڏي جو ٻاهريون ڊيزائن هاڻي گهڻو رائونڊيڊ آهي جڏهن ته نوان 15 انچ ايلوئي وهيلز، واضح باڊي لائينز ۽ نيون ٽيل لائيٽس ان جو حصو آهن.

اها نئين گاڏي پراڻي ماڊل کان ڪجهه وڏي به آهي.

گاڏي جو روم واضح حد تائين بهتر بڻايو ويو آهي جڏهن ته هڪ 7 انچن جو انفوٽينمنٽ اسڪرين اينڊرائيڊ آٽو ۽ ايپل ڪارپلي سپورٽ تي مشتمل آهي.

فوٹو بشکریہ سوزوکی

ان سان گڏ گيئر شفٽ ليور کي به نئون ڪيو ويو آهي نئون ڊرائيور ڊسپلي جزوي ڊجيٽل آهي.

گاڏي ۾ نئو ڪي 10 انجڻ آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان سان 26.68 ڪلوميٽر في ليٽر مائليج حاصل ٿي سگهي ٿو.

اها انجڻ 65 هارس پاور فراهم ڪندي آهي ۽ واهپيدارن جي لاءِ مينيوئل ۽ اي ايم ٽي ٽرانسميشن جو آپشن موجود هوندا.

ان گاڏي جي قيمت 5 لک ڀارتي رپيا (11 لک پاڪستاني رپيا) کان شروع ٿيندي جيڪو ان جو ايل ايڪس آءِ ماڊل هوندو، جڏهن ته سڀ کان بهترين زي ايڪس آءِ 6 لک 94 هزار ڀارتي رپين (16 لک پاڪستاني رپين کان مٿي) ۾ وڪري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.

فوٹو بشکریہ سوزوکی

پر ڇا اها گاڏي ڪلٽس جي نالي سان پاڪستان ۾ ايندي؟ ان جو جواب ته ايندڙ وقت ۾ ئي ملي سگهي ٿو.

Follow by Email
YouTube
YouTube