August 9, 2022

پي ڊي ايم ترجمان جو وفاقي وزير کي عينڪ مٽائڻ جو مشورو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اپوزيشن اتحاد (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمد الله وفاقي وزير اسد عمر عينڪ جو نمبر مٽائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

وفاقي وزير جي بيان تي رد عمل ڏيندي حافظ حمدالله چيو ته اسد عمر عينڪ جو نمبر مٽائي ڏسي ان کي پنهنجو انجام نظر ايندو.

هن چيو ته پي ڊي ايم حڪومت خلاف لانگ مارچ ڪندي، وفاقي وزيرن ۾ دم آهي ته روڪي ڏيکارين.

پي ڊي ايم ترجمان چيو ته حقيقت ۾ حڪومت جي طبعي عمر پوري ٿيڻ تي فصلي بٽيرا بوکلاهٽ جو شڪار ٿي رهيا آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube