January 18, 2022

52 ورهين جو اداڪار دنيا جو ”پرڪشش ترين مرد“ قرار

مشهور لائيف اينڊ اسٽائيل ۽ فيشن ميگزين ”پيپلز“ آمريڪي اداڪار پال رڊ کي 2021ع جو دنيا جو ”پرڪشش ترين مرد“ قرار ڏنو آهي.

اعزاز ملڻ تي حيراني ۽ خوشي جو اظهار ڪندي پال رڊ چيو ته هن جي دوستن سميت دنيا جي گھڻن ماڻهن کي ”کيس پرڪشش ترين مرد“ قرار ڏيڻ تي حيراني ٿيندي.

اداڪار موجب جڏهن ماڻهو ٻڌندا ته 52 ورهين جي اداڪار کي پرڪشش ترين مرد قرار ڏنو ويو آهي ته ماڻهو ان تي يقين ئي نه ڪندا.

پال رڊ وڍيڪ عمر ۾ ”پرڪشش ترين مرد“ جو اعزاز ملڻ تي خوشي جواظهار ڪندي چيو ته هاڻ  هو مشهور ماڻهن جيئن براڊ پٽ، جارج ڪلوني ۽ ادريس ايلبا سميت انهن ماڻهن سان ڊنر ڪري سگھندو جيڪي اڳ اهو اعزاز حاصل ڪري چڪا آهن.

پال رڊ 1990ع ۾ اداڪاري جي شروعات ڪئي هو هن وقت تائين مختلف سائنس فڪشن ۽ ميگا بجيٽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي.

پيپلز ميگزين هر سال نومبر ۾ پرڪشش ترين مرد جي اعزاز جو اعلان ڪندي آهي ۽ هن سال کان اڳ ٽن سالن تائين پرڪشش ترين مرد جو اعزاز ڪاري نسل جي مردن کي حاصل هو.

سال 2020ع ۾ دنيا جي ”پرڪشش ترين مرد“ جو اعزاز ڪاري نسل جي آمريڪي اداڪار 33 ورهين جي مائيڪل بي جارڊن کي ڏنو ويو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube