January 18, 2022

نواز شريف ۽ فضل الرحمان ۾ رابطو، حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ تي اتفاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.

ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، نواز شريف حڪومت کي پارليامينٽ ۾ ٽف ٽائم ڏيڻ ۽ اپوزيشن جماعتن جي اتحاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، نواز شريف فضل الرحمان کي خاطري ڪرائي ته پي ڊي ايم لانگ مارچ تي جيڪو به فيصلو ڪندي ساٿ ڏينداسين.

ذريعن موجب ڳالهه ٻولهه دوران فضل الرحمان جو چوڻ هو ته حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ عوام ۽ ملڪ سان ظلم هوندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube