باليووڊ اداڪار راج ڪمار رائو جي شادي ٿي وئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ اداڪار راج ڪمار رائو شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب راج ڪمار رائو ۽ ان جي گرل فرينڊ اداڪارا پترا ريکها پائول اڄ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا.
باليووڊ جوڙي جي شادي چندي ڳڙهه جي مهانگي ترين ولا ۾ ٿي جنهن ۾ ويجهي دوستن ۽ مٽن مائٽن شرڪت ڪئي.
ٻنهي ستارن جي جوڙي شادي جون تصويرون پنهنجي پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽن تي پوسٽ ڪيون آهن ۽ اهي تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.