August 9, 2022

لاهور(ويب ڊيسڪ) ينگ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن پنجاب جي صحت واري وزير جون هدايتون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. صحت واري صوبائي وزير ياسمين راشد سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊيز جو وقت 4 وڳي تائين ڪيو هو راولپنڊي ۾ ينگ ڊاڪٽر 2 وڳي کانپوءِ او پي ڊيز بند ڪري ڇڏيون. ينگ ڊاڪٽرز جو چوڻ هو ته حڪومت سهولتون ڏئي ته ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پنجاب جي صحت واري وزارت جو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. صدر ينگ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن شفيع نيازي چيو ته اسپتال انتظاميا حڪومت کي خوش ۾ رڌل آهي.

بيجينگ(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جوبائيڊن ۽ چيني صدر شي جن پنگ جي ورچوئل ملاقات ٿي جنهن ۾ چيني صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن ۽ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

ورچوئل ملاقات کي چيني سرڪاري ميڊيا بي جِجهڪ، تعميري، اهم ۽ نتيجن واري ملاقات قرار ڏنو.

چيني صدر ملاقات ۾ ٻنهي ملڪ جي وچ ۾ رابطن ۽ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تائيوان جي آزادي جي حامي طاقتن ڳاڙهي لڪير عبور ڪئي ته حتمي فيصلن وارا قدم کنيا ويندا.

چيني صدر چيو ته آمريڪا ۾ ڪجهه ماڻهو چين کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ تائيوان کي استعمال ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا، اهو رجحاڻ تمام خطرناڪ ۽ باهه سان کيڏڻ جي برابر آهي، چين آمريڪا واپاري معاملن کي سياسي نه بڻائڻ گهرجي.

هن چين ايندڙ آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جي لاءِ ”فاسٽ ٽريڪ لين“ اپ گريڊ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته گڏيل لاڳاپن کي وڌائڻ، اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ فعال قدمن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

Follow by Email
YouTube
YouTube