پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ بنگلاديشي اسڪواڊ جو اعلان، 3 اهم رانديگر آئوٽ
1 min read
ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ بنگلاديشي اسڪواڊ جو اعلان ٿي ويو.
بنگلاديش ڪرڪيٽ موجب محمود الله ٽيم جي اڳواڻي ڪندو، تميم اقبال ۽ شڪيب الحسن فٽنيس مسئلن سبب ٽيم جو حصو ناهن، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر مشفق الرحيم به جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.
پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز 19 نومبر کان شروع ٿيندي، جنهن لاءِ بنگلاديشي اسڪواڊ ۾ محمود الله (ڪپتان)، محمد نعيم، سيف حسين، ياسر علي ربي، نور الحسن (وڪيٽ ڪيپر)، عفيف حسين، مهدي حسن، تسڪين احمد، مستفيض الرحمان، شريف الاسلام، نسم احمد، امين الاسلام، محمد شاهد الاسلام ۽ اڪبر علي شامل آهن.
Pakistan Tour of Bangladesh 2021.
Bangladesh T20I squad#BANvPAK #RiseOfTheTigers pic.twitter.com/Rv86ZOUO92
— Bangladesh Cricket (@BCBtigers) November 16, 2021
واضح رهي ته بنگلاديش جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 5 ئي گروپ ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏٺو هو، جڏهن ته پاڪستان 5 ئي گروپ ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي هئي.