January 20, 2022

هلندڙ سال جي ٻي چنڊ گرهڻ ڪڏهن ٿيندي؟ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي ٻي چنڊ گرهڻ جي حوالي سان ماهرن اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال جي ٻي چنڊ گرهڻ 19 نومبر تي ٿيندي، ان ڀيري چنڊ جي جزوي گرهڻ لڳندي.

موسميات کاتي موجب جزوي چنڊ گرهڻ جو نظارو اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا ۽ يورپ جي ڪجهه حصن ۾ ڏسي سگهبو، ان کانسواءِ ايشيا سميت اتر ۽ اولهه آفريقا ۾ به چنڊ گرهڻ ڏسي سگهبي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اها چنڊ گرهڻ پاڪستان ۾ نه ڏسبي، جڏهن ته سال جي ٻي چنڊ گرهڻ جي شروعات پاڪستاني وقت موجب صبح 11 لڳي 2 منٽن تي ٿيندي.

موسميات کاتي موجب چنڊ کي جزوي گرهڻ 12 لڳي 19 منٽن تي لڳندي، جزوي چنڊ گرهڻ جي پڄاڻي منجهند 3 لڳي 47 منٽن تي شروع ٿيندي ۽ مڪمل پڄاڻي 5 وڳي 4 منٽن تي ٿيندي.

Follow by Email
YouTube
YouTube