August 13, 2022

ڀارت ڪيويز کي چِٿي ڇڏيو، ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ وائيٽ واش شڪست

ڪلڪتو (ويب ڊيسڪ) ڀارت نيوزيلينڊ کي آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.

ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ ۾ ڀارتي ٽيم مهمان نيوزيلينڊ کي 73 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏني.

ڪلڪتي ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسون ٺاهيون.

ڀارتي ڪپتان روهت شرما 56 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ايشان ڪشن 29، شرياس ائير 25 رنسن سان اڳڀرا رهيا، نيوزيلينڊ جي مچل سينٽرن 3 وڪيٽون ورتيون.

جواب ۾ ڪيوي ٽيم 17.2 اوورن ۾ 111 رنسن تي ڍير ٿي وئي، مارٽن گپٽل 51 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، ٽم سيفرٽ 17 ۽ لوڪي فرگيوسن 14 رنسون ٺاهي سگهيو.

Follow by Email
YouTube
YouTube