January 20, 2022

شاهنواز ڏاهاڻي نيٺ پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪري ورتو، بنگلاديش خلاف بهترين بالنگ

 

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي واسي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي نيٺ قومي ٽيم ۾ چانس ملي ويو ۽ انٽرنيشنل ڪيريئر جي پهرين ميچ ۾ هو بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 اوورن ۾ 24 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب رهيو.

پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آخري ميچ ڍاڪا ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ پاڪستان طرفان فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي ڊيبيو ڪرايو ويو.

شاهنواز ڏاهاڻي کي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ڊيبيو ڪيپ پيش ڪئي، جنهن کانپوءِ هن بنگلاديش خلاف بالنگ ڪرائيندي پهرئين ئي اوور جي ٽئين بال تي وڪيٽ وٺي ڇڏي.

شاهنواز ڏاهاڻي بنگلاديشي اوپنر نجم الحسين کي ڪلين بولڊ ڪيو.

واضح رهي ته لاڙڪاڻي واسي شاهنواز ڏاهاڻي پاڪستان سپر ليگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو هو، کيس زمبابوي ۽ ويسٽ انڊيز خلاف قومي ٽيسٽ اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو پر هو انٽرنيشنل ڊيبيو نه ڪري سگهيو هو.

شاهنواز ڏاهاڻي کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي 18 رڪني اسڪواڊ ۾ ريزور رانديگر پڻ شامل ڪيو ويو هو.

Follow by Email
YouTube
YouTube