January 20, 2022

عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مڪاني نمائندن جو ڪردار اڻٽر آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام جي مسئلن جي تڪڙي حل لاءِ مڪاني نمائندن جي ڪردار کي اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلاول هائوس ۾ ٿيندڙ هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني ادارن جي وزير ناصر شاهه ۽ صلاحڪار مرتضيٰ وهاب مڪاني نظام جي حوالي سان بريفنگ ڏني. بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهه ڪيو ويو ته سنڌ ۾ هڪ اهڙو مڪاني نظام تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن سان مڪاني نمائندن جا اختيار وڌي ويندا ۽ مڪاني نظام وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اجلاس ۾ فريال ٽالپر، نثار کهڙي، جميل سومري، سعيد غني، منظور وساڻ، سهيل انور سيال ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube