ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب آسٽريا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لاڪ ڊائون

ويانا (ويب ڊيسڪ) آسٽريا ۾ ڪورونا وائرس جي مسلسل وڌندڙ نون انفيڪشنز کي روڪڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون هنيو ويو آهي.
ڪورونا جي موجوده لهر دوران ايلپس جي ان جمهوريا ۾ تازن ڏينهن ۾ وائرس سبب روز جي بنياد تي فوتگيون ٽيڻ تي ٿي ويون آهن، جڏهن ته نون انفيڪشنز سبب اسپتالن تي به سخت دٻاءُ آهي.
آسٽريا ۾ اڄ سومر کان شروع ٿيندڙ لاڪ ڊائون 10 ڏينهن لاءِ آهي پر ان ۾ واڌ به ٿي سگهي ٿي، ان دوران عام شهرين کي رڳو کاڌي پيتي جي شين جي خريداري يا ڊاڪٽر وٽ وڃڻ لاءِ ئي گهرن مان نڪرڻ جي اجازت هوندي.