August 13, 2022

راشن پروگرام بابت ثانيا نشتر جي اهم ڳالهه ٻولهه

پشاور (ويب ڊيسڪ) سماجي تحفظ بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيا نشتر چيو آهي ته وزيراعظم جي قيادت ۾ حقدار گهراڻن لاءِ راشن پروگرام آندو ويو آهي، جنهن مان 2 ڪروڙ خاندان فائدو حاصل ڪندا.

خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ ثانيا نشتر جي صدارت هيٺ احساس راشن رعايت پروگرام بابت ميمبرن لاءِ بريفنگ رکي وئي.

بريفنگ ۾ ثانيا نشتر چيو ته گهراڻي جو ڪو به فرد 8171 تي رجسٽريشن لاءِ پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ان جي نالي تي رجسٽر سم تان موڪلي سگهي ٿو.

هن ٻڌايو ته ڪرياني مالڪ راشن پروگرام لاءِ احساس راشن ويب پورٽل تي ئي رجسٽر ٿيندا، ڪي پي ۾ راشن پروگرام تي عمل صوبائي حڪومت جي ڀائيواري سان ٿي رهيو آهي.

سندس موجب نيشنل بئنڪ عملو سڄي صوبي ۾ ڪرياني ۽ ٻين دڪاندارن جي رجسٽريشن لاءِ بئنڪ اڪائونٽ کولي رهيو آهي ۽ حڪومت طرفان ڪرياني مالڪن کي رعايتي رقم سان گڏ پرڪشش ڪميشن به ڏني ويندي.

خاص مددگار چيو ته ڪرياني مالڪن کي هر ٽن مهينن ۾ گاڏيون، موٽر سائيڪلون، موبائل فونز ۽ ٻيا انعام ڪڻن ذريعي ڏنا ويندا.

Follow by Email
YouTube
YouTube