January 18, 2022

سائبيريا ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪو، 52 ڄڻا اجل جو شڪار

نووسيبيرسڪ (ويب ڊيسڪ) سائبيريا ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پيش ايندڙ هڪ حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 52 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

مقامي گورنر سيرگئي تسوليف تصديق ڪئي آهي ته فوت ٿيندڙن ۾ 46 مزدور، جڏهن ته 6 امدادي ڪارڪن شامل آهن.

ٻڌايو ويو آهي ته 38 مزدورن ۽ 11 ريسڪيو اهلڪارن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

اهو واقعو خميس ڏينهن ان وقت پيش آيو، جڏهن کاڻ ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو پر ڌماڪي جا سبب واضح ناهن ٿي سگهيا.

واقعو اولهه سائبيريا جي هڪ کاڻ ۾ پيش آيو، جنهن کانپوءِ امدادي ٽيمن کاڻ ۾ ڦاٿل مزدورن کي ڪڍڻ جون سرگرميون شروع ڪيون هيون.

Follow by Email
YouTube
YouTube