January 18, 2022

ٽم پين جي جاءِ تي پيٽ ڪمنز آسٽريلوي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا وڪيٽ ڪيپر بيٽر ٽم پين جي جاءِ تي فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.

ڪرڪيٽ آسٽريليا پيٽ ڪمنز کي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت سونپڻ جو باقاعدي طور اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته مڊل آرڊر بيٽر اسٽيو سمٿ نائب ڪپتان هوندو.

پيٽ ڪمنز 65 ورهين جي عرصي ۾ آسٽريليا جي ٽيم جو پهريون ڪپتان آهي، جيڪو فاسٽ بالر آهي، ان کان اڳ ري لنڊوال 1956 ۾ هڪ ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتاني ڪئي هئي.

ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ملڻ تي پيٽ ڪمنز چيو ته اها مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، مان پنهنجو بهترين ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.

هن چيو منهنجي خوش قسمتي آهي ته اسٽيو سمٿ نائب ڪپتان آهي، ايشز جي گابا ٽيسٽ جو انتظار ڪري رهيو آهيان.

واضح رهي ته اڳوڻي ملازمه کي نامناسب پيغام موڪلڻ جو اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ ٽم پين ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڇڏي ڏني هئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube