August 9, 2022

عدالت ڪمند جي اگهه بابت سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن تي عمل روڪي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمند جي في مڻ اگهه بابت سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن تي عمل روڪي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمند جو في مڻ اگهه مقرر ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواست 17 شگر ملن طرفان داخل ڪرائي وئي آهي.

درخواستگذار جو موقف آهي ته سنڌ حڪومت 4 نومبر تي ڪمند جو في مڻ اگهه 250 رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، ڪين ڪمشنر چيو ته جيڪڏهن 250 رپين کان خريداري جي شڪايت وصول ٿي ته ڪارروائي ڪئي ويندي.

درخواستگذارن چيو ته پنجاب ۾ ڪمند جي في مڻ قيمت 225 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ اگهه سڀ کان وڌيڪ مقرر ڪيو ويو آهي.

عدالت سنڌ حڪومت طرفان ڪمند جو في مڻ اگهه 250 رپيا مقرر ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن تي عمل روڪي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تائين درخواستگذارن خلاف ڪارروائي کان به روڪي ڇڏيو ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي 7 ڊسمبر لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

Follow by Email
YouTube
YouTube