January 18, 2022

پاڪستان جي ٽاپ ماڊل مشڪ ڪليم ڪنهن سان لانئون لهندي؟

پاڪستان جي سپر ماڊل مشڪ ڪليم شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

مشڪ ڪليم انسٽاگرام تي پنهنجي شادي جي ڪارڊ جي مختصر ويڊيو شيئر ڪئي ۽ لکيو ته الحمدالله، 20 ڏينهن کانپوءِ شادي آهي.

سپر ماڊ جي ڪارڊ تي ڏسي سگهجي ٿو ته 15 ڊسمبر تي ان جو ويجهي ساٿي نادر ضياءَ سان نڪاح رٿيل آهي.

 

مشڪ ڪليم تازو انسٽاگرام تي نادر ضياءَ سان گڏ پنهنجون ڪجهه تصويرون به شيئر ڪيون هيون.

واضح رهي ته مشڪ ڪليم ننڍي عمر ۾ ئي ماڊلنگ جي شروعات ڪئي ۽ هيل تائين ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube