January 20, 2022

عائزا خان جي تازي ويڊيو مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو

باصلاحيت ۽ من موهڻي اداڪارا عائزا خان جي سوشل ميڊيا پوسٽ واهپيدارن کي پريشان ڪري ڇڏيو.

عائزا خان فوٽو اينڊ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو پوسٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ سفر ڪري رهي آهي.

پوسٽ ۾ عائزا خان اهو ناهي ٻڌايو ته هوءَ ڪٿي آهي، جنهن تي مداح سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ مختلف اندازا هڻي رهيا آهن.

واضح رهي ته عائزا خان سوشل ميڊيا تي پوسٽن ذريعي پنهنجي مداحن سان جڙيل رهندي آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube