January 18, 2022

ڪراچي ۾ گئس اڻلڀ، عوام ويلي لاءِ پريشان، هوٽلن تي قطارون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، جنهن سبب شهري سخت پريشان ٿي ويا آهن.

شهر جي مختلف علائقن لانڍي، شاهه فيصل، ملير، ايف بي اريا، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ صبح کان گئس جي بندش شروع ٿي وئي، جنهن سبب پريشان شهرين دڪانن جو رُخ ڪري ورتو ۽ هوٽلن تي قطارون لڳي ويون.

هوڏانهن گئس بحران سبب شهري ڪرائي تي گئس سئلينڊر حاصل ڪرڻ لڳا، جنهن سبب ايل پي جي گئس کپائيندڙن جي به آمدني وڌي وئي.

Follow by Email
YouTube
YouTube