August 9, 2022

آمريڪي اداڪارا لنڊسي لوهان مسلمان دوست کي جيون ساٿي چونڊي ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اداڪارا لنڊسي لوهان پنهنجي هڪ مسلمان دوست سان مڱڻو ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي اداڪارا لنڊسي لوهار هڪ مسلمان شخص بدر شمس سان مڱڻو ڪيو آهي، ٻنهي وچ ۾ گذريل ٻن سالن کان لاڳاپا هئا، جنهن کانپوءِ انهن هڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

لنڊسي لوهار پنهنجي مداحن کي ان خوشي جي موقعي ۾ شريڪ ڪندي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي خوشگوار موڊ ۾ مڱيندي بدر شمس سان پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي.

اداڪارا ڪيپشن ۾ لکيو ته منهنجو پيار، منهنجي زندگي، منهنجو خاندان ۽ منهنجو مستقبل.

تصوير ۾ لنڊسي لوهان کي مڱڻي جي منڊي پڻ پاتل آهي، جنهن ۾ هيرو لڳل آهي.

جيتوڻيڪ اداڪارا پنهنجي تازي پوسٽ ۾ مڱيندي بابت وڌيڪ ڄاڻ ناهي ڏني پر هڪ سال اڳ هن پنهنجي بواءِ فرينڊ جو تعارف بدر شمس جي نالي سان ڪرايو هو، جيڪو دبئي ۾ رهندو آهي ۽ بزنس مين آهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube