January 20, 2022

شاهين، عابد ۽ عبدالله پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي پوزيشن مضبوط ڪري ڇڏي

چٽاگانگ (ويب ڊيسڪ) چٽاگانگ ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ بنگلاديش جي ٽيم 157 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ پاڪستان کي 202 رنسن جو ٽارگيٽ مليو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان بنا ڪنهن نقصان تي 109 رنسون ٺاهيون ورتيون ۽ ان کي ڪاميابي لاءِ وڌيڪ 93 رنسن جي ضرورت آهي.

چٽاگانگ جي ظهوري احمد چوڌري ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن بنگلاديش پنهنجي رهيل ٻي اننگز 39 رنسن تان 4 وڪيٽن جي نقصان تي شروع ڪئي ته 43 رنسن جي مجموعي اسڪور تي تجربي ڪار بيٽسمين مشفق الرحيم پويلين موٽي ويو، جنهن 16 رنسون ٺاهيون.

ياسر علي 36 رنسون ٺاهي رٽائرڊ هرٽ ٿيو، جڏهن ته پهرين اننگز ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ لٽن داس ٻي اننگز ۾ به سٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 59 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.

مهدي حسن 11، نورالحسن 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته تيج الاسلام ۽ ابو جائيد کاتو ئي نه کوليو.

بنگلاديش جي ٽيم 157 رنسن تي آئوٽ ٿيندي پاڪستان کي ڪاميابي لاءِ 202 رنسن جو هدف ڏنو، پاڪستان طرفان شاهين آفريدي بهترين بالنگ ڪندي 5 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون.

جواب ۾ پاڪستاني اوپنرن هڪ ڀيرو ٻيهر بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ راند جي پڄاڻي تائين بنا ڪنهن نقصان جي 109 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪري ورتي.

عابد علي 56 ۽ عبدالله شفيق 53 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيا، پاڪستان کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ آخري ڏينهن 93 رنسون ٺاهڻيون آهن، جڏهن ته بنگلاديش کي 10 وڪيٽون گهربل آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube