January 20, 2022

”طلاق جو لفظ ٻُڌي سَڪتي ۾ اچي وئي هئس“، ٻارڙِي لارا دتا کي وائڙو ڪري ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪارا لارا دتا انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڌيءَ جي واتان طلاق جو لفظ ٻُڌي گهٻراهٽ جو شڪار ٿي وئي هئي.

ناليواري ڀارتي اداڪارا لارا دتا هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن منهنجي ڌيءَ رڳو 4 سالن جي هئي ته هن طلاق جو لفظ استعمال ڪيو هو جنهن جي ڪري مونکي تڪليف محسوس ۽ مونکي لڳو ته دل جو دورو پوڻ وارو آهي.

هن واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هڪ ڏينهن مان پنهنجي گهريلو ڪم ڪار ۾ مصروف هئس ته منهنجي ڀر ۾ ويٺل منهنجي ڌيءَ جيڪا راند کيڏي رهي هئي ان دوران هن چيو ته مونکي طلاق ٿي وئي آهي ۽ مان گهر ڇڏي وڃي رهي آهيان، هي تنهنجو گهر آهي ۽ منهنجو گهر هُو آهي.

لارا دتا چيو ته مان هڪ دم وائڙي ٿي وئي هيس ۽ ڌيءَ کان پڇا ڪئي ته اهو تون ڇا پئي چئين؟ اهو سڀ ڪجهه توکي ڪنهن ٻڌايو، هن چيو ته مونکي پاپا ٻڌايو آهي ته ماڻهن جي شادي ۾ جڏهن مسئلا ٿي ويندا آهن ته اهي گڏ رهڻ جي بدران طلاق وٺي الڳ رهڻ شروع ڪندا آهن.

هن چيو ته مان پنهنجي مڙس کي گهرايو ۽ کيس چيو ته هِن اهڙي بڪواس ڇو پيو سيکاري جنهن تي هو کِلڻ لڳو ۽ چيو ته هڪ ويب سيريز ڏسي رهيو هئس جنهن ۾ ڇوڪري جي ٻئي شادي ٿي رهي هئي جنهن ۾ هن طلاق جو لفظ استعمال ڪيو ۽ ڌيءَ مونسان ضد ڪيو ته طلاق جو مطلب ٻڌا جنهن تي مونکي کيس سمجهايو.

Follow by Email
YouTube
YouTube