August 9, 2022

پيپلزپارٽي جو تيل اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف احتجاج جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي مهانگائي ۽ تيل اگهن ۾ واڌ تي سڄي ملڪ ۾ احتجاجن جو اعلان ڪيو آهي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته 10 ڊسمبر تي ڪراچي، لاهور، پشاور سميت هر شهر ۽ هر ڳوٺ ۾ احتجاج ڪيو وڃي ۽ مرڪزي شاهراهه بند ڪيا وڃن.

بلاول ڀُٽو زرداري چيو آهي ته 17 ڊسمبر تي گيس جي کوٽ جي سڀني ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاج ڪيا ويندا.

انکانسواءِ هن چيو ته 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش جي جلسي ۾ ايندڙ احتجاجي پروگرام ڏنو ويندو.

واضح رهي ته عالمي سطح تي پيٽرول جا اگهه گهٽيا آهن پر پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار آهن جڏهن ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي ۽ سيلز ٽيڪس وڌائي ڇڏيا آهن.

Follow by Email
YouTube
YouTube