August 13, 2022

ايپل واهپيدارن لاءِ الرٽ جاري

ايپل ڪمپني آءِ فون واهپيدارن کي هيڪنگ بابت خبردار ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ايپل ڪمپني آءِ فون واهپيدارن کي خبردار ڪندي هيڪنگ الرٽ جاري ڪيو آهي جنهن ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي هيڪنگ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب اسرائيل جي سائبر ڪمپني پيگاسس جي نالي سان هڪ اهڙو سافٽ ويئر تيار ڪيو ويو آهي جيڪو واهپيدارن جي ڊيٽا خاموشي سان هيڪ ڪري جاسوسي به ڪري سگھي ٿو.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهو سافٽ ويئر ايندڙ 5 سالن تائن آءِ فون واهپيدارن سميت اينڊرائيڊ جو ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ به پنهنجو ڪم جاري رکندو.

Follow by Email
YouTube
YouTube