August 13, 2022

وزيراعظم تيار رهي، 10 ڊسمبر تي عوام حساب وٺڻ لاءِ پيو اچي: شازيا مري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي جي سڌ سماءَ بابت مرڪزي سيڪريٽري شازيا مري چيو آهي ته وزيراعظم تيار رهي، پيٽرول جي وڌندڙ اگهن تي عوام 10 ڊسمبر تي حساب وٺڻ جي لاءِ اچي رهيو آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جا اگهه ڪرڻ جي باوجود هتي پيٽرول مهانگو هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي.

شازيا مري سوال ڪيو آهي ته جڏهن دنيا ۾ پيٽرول سستو ٿي رهيو آهي ته عمران خان مهانگو پيٽرول ڇو پيو وڪرو ڪري رهيو آهي؟

هن چيو ته پيٽرول جي وڌندڙ اگهن تي عوام 10ڊسمبر تي روڊن تي نڪرندو ۽ دمادم مست قلندر ٿيندي.

پيپلزپارٽي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڀارت به پيٽرول سستو ڪري ڇڏيو پر پي ٽي آءِ حڪومت کي عوام جي ڳڻتي ناهي.

Follow by Email
YouTube
YouTube